عبدالحسين ميمڻ

عبدالحسين ميمڻ

عبدالحسين ميمڻ

عبدالحسين ميمڻ: ناميارو ليکڪ، لغت نويس ۽ سرڪاري ملازم عبدالحسين عاقلاڻي ميمڻ، 1935ع ڌاري ٽنڊي ڄام جي عاقلاڻي ميمڻ محلي ۾ محمد عاقل جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ اڃا اڍائي سالن جو هو ته سندس والد گذاري ويو، جنهن کانپوءِ سندس ۽ سندس ڀيڻ فاطمه جي پرورش بيوه ماءُ ڪئي. هن ابتدائي تعليم ٽنڊي ڄام مان حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ گريجوئيشن، ايم. اي ايڪانامڪس ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ننڍپڻ ۾ والد جي وفات سبب سندس ننڍپڻ يتيميءَ ۾ گذريو، پر سندس پڙهائيءَ ۾ سرپرستي ۽ رهنمائي سندس سوٽ استاد محمد يعقوب ميمڻ ڪئي. هو ايترو ته حساس هو جو ميٽرڪ کانپوءِ هن مختلف نوڪريون ۽ پورهيا ڪري پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍيو. حيدرآباد ۾ پڙهڻ دوران مشهور پبلشر آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس جي چوڻ تي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن لاءِ ڪورس جي ڪتابن جون سمجهاڻيون، سوال جواب ۽ مددي رهنمائي ڪندڙ ڪتاب لکي پورت ڪئي ۽ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جي ڪفالت ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ پنهنجي ليکي نصابي ڪتاب لکيائين، جن مان ڪيترائي هن وقت به ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا، جن ۾ ‘پاڪستان ايڪانامڪس’ جو ڪتاب، ‘پوليٽيڪل سائنس’ ۽ ‘سوشيالاجيءَ’ جا ڪتاب شامل آهن. سٺ جي ڏهاڪي ۾ عبدالحسين ميمڻانگريزي- سنڌي ڊڪشنري’ تيار ڪئي، جيڪا آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس پهريون ڀيرو ڇاپي، پر ان کانپوءِ ان جا ڪيترائي ڇاپا ٻين پبلشرن طرفان ڇپايا ويا. پاڻ انهيءَ ڊڪشنريءَ کي 90 جي ڏهاڪي ۾ سنواري سڌاري (update ڪري) ڇپائڻ جو ارادو ڪيائين، پر زندگيءَ ساٿ ڪونه ڏنس. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) آبادگارن ۽ زميندارن لاءِ زمين جي لاءِ پانيءَ جو قانون (1983ع)، (2) سنڌ جي مڪاني حڪومتن جي اليڪشن جو آرڊيننس-2000 (1991ع)، (3) سماجيات- سوالن جوابن ۾ (مشتاق احمد باريچي سان گڏ: 3-1992ع)، (4) سنڌ جي مڪاني سرڪاري ادارن جي ملازمن جا موڪل جا قاعدا (1996ع)، (5) سنڌ جي مڪاني ادارن تي لاڳو محصول چنگيءَ جا قاعدا- 1964 (1996ع)، (6) سنڌ لوڪل گورنمينٽ اليڪشن آرڊيننس- 2000 (اردوءَ ۾: 2000ع)، هارپ جو قانون (2001ع) ۽ (7) جامع انگريزي سنڌي ڊڪشنري (2010ع) وغيره قابل ذڪر آهن. عملي زندگيءَ جي شروعات پاڻ ڪجهه وقت گورنمينٽ مڊل اسڪول ٽنڊي ڄام ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪيائين، پر پوءِ ويسٽ پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀيٽيءَ واري امتحان جي تياري ڪري اهو ڏنائين، جنهن ۾ پاس ٿيڻ تي لوڪل گورنمينٽ ۽ رورل ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ 16 گريڊ ۾ ڊيولپمينٽ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندو پهرين 17 گريڊ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ 18 گريڊ ۾ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جتان 1995ع ۾ رٽائر ڪيائين. عبدالحسين ميمڻ 68 سالن جي عمر ۾ 20 جولاءِ 2003ع ۾ وفات ڪئي. کيس سندس آبائي قبرستان ۾ سندس امڙ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. عبدالحسين جي شادي 1952ع ۾ پنهنجي سؤٽ محمد يعقوب جي نياڻيءَ حميده سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ حميد عاقل ميمڻ آهي، جيڪو هلال پاڪستان اخبار ۾ اڪائونٽنٽ آهي. عبدالحسين ميمڻ جا ڪجهه ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس پٽ وٽ آهن، جن کي ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿو.


لفظ عبدالحسين ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2003.07.20  عيسوي

عبدالحسين عاقلاڻي ميمڻ، 1935ع ڌاري ٽنڊي ڄام جي عاقلاڻي ميمڻ محلي ۾ محمد عاقل جي گهر ۾ پيدا ٿيو.عبدالحسين ميمڻ 68 سالن جي عمر ۾ 20 جولاءِ 2003ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالڪلام آزاد
خدابخش مري جسٽس
ديندار خان بخاري
لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي
ابن الجوزي
جعفر مخدوم بوبڪائي
راءِ بهادر شيوارام
چشتي حڪيم شمس الدين
عبدالماجد ڀرڳڙي
جروار عزيز الله ڪامريڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون